اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اي ڪورٽ سان عدالتي ڪارروائي هلائڻ جي قدمن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چي?? ته آه?? ته اي ڪورٽ جي ذريعي ڪارروائي ۾ معزز عدالت جي قيمتي وقت ۽ پئسي ٻنهي جي بچت ٿيندي آه??، شوڪت خان?? ٽرسٽ دنيا ۾ منفرد ۽ واحد مفت ڪينسر جي علاج جي اسپتال هلائي رهي آه??، اهڙي فلاحي منصوبي کي بي بنياد ۽ من گهڙت الزام لڳائي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آه??. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم چي?? ته عدالت جي اي ڪورٽ سان ڪارروائي ڪورٽ ڪيسن جي وقت ۾ اڪلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، اي ڪورٽ جي تعارف ۽ ڪارروائي ڪامياب طريقي سان عمل ۾ اچڻ تي عدليه ۽ حڪومت ادارا تحسين جا مستحق آه??، شوڪت خان?? ٽرسٽ تي ماڻهن جو اعتماد قائم آه??، وزيراعظم چي?? ته شوڪت خان?? ٽرسٽ دنيا ۾ منفرد ۽ واحد مفت ڪينسر جي علاج جي اسپتال هلائي رهي آه??، اهڙا فلاحي منصوبا بي بنياد ۽ من گهڙت الزام لڳائي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آه??، عدالت مان اميد آه?? ته هو اهڙن الزامن تي مثالي فيصلو ڏئي آئنده لاءِ ان روايت کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. وزيراعظم پاران ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج محمد عدنان جي عدالت ۾ دفاع واري اڳوڻي وزير خواجه آصف جي وزيراعظم عمران خان تي شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ جي فنڊ ۾ غير شفافيت، مني لانڊرنگ ۽ بي نامي ڪمپنين جي استعمال جهڙا بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي خلاف داخل 10 ارب روپين جي هرجاڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پهرين آگسٽ 2012ع تي خواجه آصف پهرين پنجاب هائوس ۾ منعقد پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهي الزام لڳايا ۽ بعد ۾ ??نه?? ڏينهن شام جو نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ??نه?? من گهڙت الزام کي ورجايو. وزيراعظم خواجه آصف جي خلاف داخل هتڪ عزت جي ڪيس ۾ پنهنجي وڪيل سينيٽر وليد اقبال جي موجودگي ۾ پنهنجي آفيس مان اي ڪورٽ جي ذريعي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن عدالت اسلام آباد جي ڪارروائي ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم حلفي بيان جمع ڪرايو جنهن ۾ هن الزامن کي ڪوڙو، من گهڙت ۽ توهين آميز قرار ڏنو، بيان حلفي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 1991ع کان 2009ع تائين عمران خان شوڪت خانم جو سڀني کان وڏو انفرادي ڊونرر رهيو آه?? ۽ واضح ڪيو ته شوڪت خان?? ٽرسٽ جي سيڙپڪاري اسڪيمن جي حوالي سان فيصلا سازي ايڪسپرٽ ڪميٽي ڪندي هئي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان جي ڪنهن قسم جي ڪا به مداخلت نه هئي، ان کانسواءِ شوڪت خانم، جي جن سيڙپڪاري اسڪيمن جي حوالي سان اهي بي بنياد ۽ من گهڙت الزام لڳايا ويا آه?? اهي مڪمل طور تي بنا ڪنهن نقصان جي شوڪت خان?? ٽرسٽ واپس وصول ڪيا، وزيراعظم جي حلفي بيان ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته اهڙن من گهڙت ۽ بي بنياد الزامن جو سهارو وٺي قومي ميڊيا جي ذريعي عوام جي شوڪت خان?? ٽرسٽ تي اعتماد کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
وزيراعظم پاران اي ڪورٽ وسيلي عدالتي ڪارروائي هلائڻ جا قدم خوش آئنده قرار
مضمون کا ماخذ : کڑک