اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي لاڳاپيل شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪستان ۽ غيرملڪي شهرين کي سول ايوارڊ سان نوازڻ جو اعلان ڪيو آهي، هي ايوارڊ 23 مارچ 2023ع تي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد هڪ پروقار تقريب دوران ڏنا ويندا، 14 سول ايوارڊ ماڻيندڙن ۾ ڪل 253 شخصيتون شامل آهن جن کي نشان امتياز، هلال پاڪستان، هلال شجاعت، هلال امتياز، هلال قائداعظم، ستاره پاڪستان، حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي ايوارڊ، تمغه پاڪستان، تمغه شجاعت، تمغه امتياز، تمغه قائداعظم ۽ تمغه خدمت سان نوازيو ويندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪابينا سيڪريٽريٽ ايوارڊ سيڪشن پاران جاري ايوارڊ جي لاءِ نامزد شخصيتن جي فهرست موجب جن شخصيتن کي نشان امتياز سان نوازيو ويو انهن ۾ سرتاج عزيز، مير حاصل بزنجو، رئيس الاحرار، چوڌري غلام عباس خان مرحوم، جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوانداس (آنجهاني) کي عوامي خدمتن جي اعتراف ۾، احمد غلام علي ڇاگلا (مرحوم) کي موسيقاري جي فن، صوفي غلام مصطفيٰ تبسم (مرحوم) کي شاعري، م??مد قوي خان کي ڊرامي، فلم ۽ اسٽيج اداڪاري ۽ جهانگير خان کي اسڪوائش جي شعبن ۾ نمايان ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي نشان امتياز سان نوازيو ويندو. ايوارڊ جي لاءِ نامزد غيرملڪي اهم شخصيتن ۾ عزت مآب شيخا موزه بنت نصير، عزت مآب شيخ عبدالله بن زيد النهيان، شاهه فيصل بن سلمان بن عبدالعزيز السعود، انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الشيخ، شيخ محمد عبدالرحمان الثاني (قطري) ۽ سفير رٽائرڊ رابن ايل رافيل کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان سان نوازيو ويندو. برگيڊيئر رٽائرڊ خالد فريد ۽ برگيڊيئر فيصل نصير کي دهشتگردي جي خاتمي ۾ بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي هلال شجاعت سان نوازيو ويندو. ڊاڪٽر خواجه عبدالحئي، انجنيئر پروفيسر احمد فاروق بازئي کي درس ۽ تدريس جي شعبن ۾، ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا کي سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم، حڪيم رضوان حفيظ کي طب، راجا علي رضا انور کي جوهري انجنيئرنگ، رئيس احمد کي وايلن، امجد اسلام امجد کي ادب، احمد عارف نظامي (مرحوم)، م??يب الرحمان شامي، الطاف حسن قريشي کي صحافتي خدمت، بلقيس بانو ايڌي (مرحومه) کي سماجي خدمتن، م??مد رمضان ڇيپا، سردار احمد نواز سکيرا، م??روف افضل (مرحوم)، سينيٽر محمد طلحيٰ محمود، سينيٽر هلال الرحمان کي عوامي خدمت ۽ ڊاڪٽر گوهر اعجاز کي سرندي واري شخصيت هجڻ تي هلال امتياز سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر جيمز ايم شيرا کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ هلال قائداعظم سان نوازيو ويو آهي. اهڙي طرح آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مسٽر لين سانگتيان، خالد محمود، چاهت ياسر ايرين ۽ راجا نجابت حسين کي پاڪستان جي خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره پاڪستان سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ملڪ محمد احسن، ملڪ گينگري (آنجهاني)، ملڪ شمائل خان، م??تر??ه فزا طارق ملڪ (مرحومه)، راجا مصطفيٰ علي، م??مد افضل شيخ، ساجد ڪياني، ليفٽيننٽ ڪرنل شاهد رسول چوڌري، وجاهت الله آفريدي کي بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي ۽ منصور احمد خان کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر عثمان بيلن ائوزڪن، ڊاڪٽر محمد افضل جاويد، ظفرالله خان، تانگ مينگ شينگ، پروفيسر ڪانگ جولان کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن تي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. اهڙي طرح پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئرنگ ڀواني شڪر چوڌري کي سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم، انجنيئر جاويد قريشي کي زرعي علوم، ڊاڪٽر عبدالغني اڪرم کي علم فزڪس، غفور احمد کي ڪيميڪل انجنيئرنگ، ڊاڪٽر سليمان قيصر کي ڪيميڪل انجنيئرنگ، م??سن فياض کي مڪينڪل انجنيئرنگ، ڊاڪٽر محمد علي مرزا کي اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ، ڊاڪٽر محمد بلال ملڪ کي اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، ڊاڪٽر فيض الحسن کي سسٽمز انجنيئرنگ، آصف اقبال کي نيوي گيسن سسٽم، همايون خان (مرحوم کي (لمبس جدت) زراعت، آصف پير کي انفارميشن ٽي??نالاجي، ڊاڪٽر سعيد اختر کي ميڊيسن، ڊاڪٽر محمد شريف ملڪ ايم ڊي کي ميڊيسنز (صحت)، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي تعليم، م??فوظ الرحمان کي تعليم، توقير احمد ناصر کي فنڪاري، رياض شاهد (مرحوم) کي فلم، هدايتڪاري، ليکڪ، فخر عالم کي فن ۽ ميزباني، احسن علي اصفهاني المعروف احسن جهانگير کي پس پرده گلوڪاري، ساغر صديقي المعروف محمد اختر (مرحوم) کي شاعري، انيق احمد کي اينڪر، سيد منظر احسن المعروف احسن منظر کي ادب، ڊاڪٽر معين الدين عتيق کي ادب، م??تر??ه شمع خالد (مرحومه) کي ادب، نصير ترابي (مرحوم) کي ادب، م??مد ??في?? المعروف شاڪر شجاع آبادي کي ادب، چوڌري شافع حسين کي ڪٻڊي، بابر اعظم کي ڪرڪيٽ، ضياءَ الدين (مرحوم) کي صحافت، جاويد چوڌري کي صحافت، نديم ملڪ کي صحافت، عطاءُ الرحمان (مرحوم) کي صحافت، ڊاڪٽر انيس احمد کي مذهبي اسڪالر، مولانا محمد حنيف جالنڌري کي مذهبي اسڪالر، ڊاڪٽر قبلا اياز کي مذهبي اسڪالر، علامه ثاقب رضا مصطفائي کي مذهبي اسڪالر، عبدالرئوف روفي کي نعت خواني، وقار احمد ملڪ، م??تضيٰ محمود، امداد الله بوسال، م??ين الحق، ڊاڪٽر محمد اشرف طاهر، م??زا اشتياق بيگ کي سماجي ۽ عوامي خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره پاڪستان سان نوازيو ويو آهي. صدر پاران ڊاڪٽر محبوب علي سيال کي زرعي علم، عبدالماجد خان کي ڪيمسٽري علوم، م??مد اعظم خان کي ڪيمسٽري علوم، م??مد يوسف خان کي ڪيمسٽري علوم، ذوالفقار احمد خان کي جوهري انجنيئرنگ، نويد احمد کي ڌاتي انجنيئرنگ، حافظ نوشاد علي کي ٽي??نيڪل انجنيئرنگ، م??طفيٰ جاويد صديق کي ٽي??نيڪل انجنيئرنگ، ڊاڪٽر همايون قريشي کي ايرو اسپيس انجنيئرنگ، رحيم ثناءُ الله چوڌري کي اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، طارق مقبول کي ڪوالٽي مئنيجمينٽ، ڪرنل رٽائرڊ محمد آمين کي ميزائيل ڊيزائن، عماد احمد کي ڊيجيٽل ڪميونيڪشن، م??مد محبوب خان کي فزڪس سائنس، هارون اڪرام شيخ کي ڌاتي مواد جي علوم، م??مد رحمان کي نيوڪليئر سيفٽي ريگيوليشن، ڊاڪٽر محمد مقصود کي فزڪس (ويڪيوم سائنس ۽ ٽي??نالاجي)، پروفيسر ڊاڪٽر عائشه صديقه کي ميڊيسن هيلٿ، م??تر??ه پروين المعروف سنگيتا کي فلم هدايتڪاري، ڊاڪٽر عزيز خان عرف عزيز تبسم کي فلم هدايتڪاري، م??مد حفيظ طاهر کي پروڊيوسر، قادر علي شگان کي موسيقي ۽ ڪلاسيڪي گلوڪاري، انور حسين ويسترو کي گلوڪاري، م??تر??ه گل زرين (وگما) کي گلوڪاري، عروج آفتاب کي گلوڪاري، الطاف حسين طافو خان کي طبله نوازي، استاد عبدالله خان کي شهنائي موسيقي، م??تر??ه نرگس شاهين کي براڊ ڪاسٽر ڪمپيئر، انجم شاهين عرف انجمن کي اداڪاري، امان الله ناصر کي اداڪاري ۽ لکاري، سيد افضال احمد کي فلم ٽي وي اداڪاري، م??ٽر بشريٰ فرخ کي ڊرامي، تسڪين ظفر کي اينڪر، نيوز ڪاسٽر، شيخ داد خان عرف شير ميانداد خان کي قوالي، انجم اياز کي مجسمه سازي، آر ايم نعيم کي پينٽنگ، سائين داد کي گهاڙا ڊانسر، م??مد جاويد کي پينٽنگ، م??مد قمر سلطان کي عربي خطاطي، سيد شمعون اشرف هاشمي کي ٽيليويزن ڪمپيئرنگ، عبدالله درويش دراني کي ادب، غلام حسن حسانو کي ادب، راڻا فضل حسن کي ادب، ڊاڪٽر محمد اشرف شاهين قيصراڻي کي ادب، پروفيسر جهانزيب نياز خان (مرحوم) کي ادب، جمشيد خان دکي (مرحوم) کي ادب ۽ شاعري، فرحت عباس شاهه کي شاعري، ارشد نديم کي ايٿليٽس، سرباز خان کي ڪوهه پيمائي، م??تر??ه شاهده کي ڪراٽي، م??تر??ه امينه ولي کي راندين، عبدالڪريم (مرحوم) کي ڪوهه پيمائي، عرفان محمود کي مارشل آرٽس، م??عود جان کي بلائنڊ ڪرڪيٽ، احسن رمضان کي سنوڪر، نور دستگير بٽ کي ويٽ لفٽنگ، ٽڪا خان کي صحافت، حافظ طاهر خليل کي صحافت، م??سٽر الطاف حسين (مرحوم) کي (پاڪستاني جهنڊي جي سلائي) عوامي خدمت تي بهتر ڪارڪردگي بابت صدارتي ايوارڊ سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مسٽر وانگ گل پنگ (آنجهاني) کي پاڪستان جي لاءِ خدمت، م??تر??ه ڊنگ موفانگ (آنجهاني) کي پاڪستان جي لاءِ خدمت، م??تر??ه چن سائي (آنجهاني) کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن تي تمغه پاڪستان سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح صدر پاران عامر نواز خان شهيد، م??مد ڪامران شهيد، ڪرنل رٽائرڊ محمد عارف، م??مد عثمان شهباز، ڊاڪٽر ڪامران احمد، شير احمد (فيصل بلوچ)، تنوير حسين، امجد احمد، م??هر نواز شيخ، بشير احمد بروهي، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي ذيشان احمد، نويد احمد، ضياءَ الرحمان، شهيد جاويد الله، ڊاڪٽر اڪبر ناصر انسپيڪٽر جنرل، سهيل ظفر چٺا، صادق شاهه، راجا محمد ماجد، م??مد بلال راجا، م??شر سليم، منهاس احمد خان، اعجاز حفيظ، عقيل احمد صديقي سميت وسيم احمد خان کي بهادري، ميجر ظهور احمد، يحييٰ عظيم ۽ حوالدار عابد علي کي دهشتگردي جي خاتمي تي بهادري تي تمغه شجاعت سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صدر پاران چوڌري وسيم اختر، علي عثمان، سليم احمد سب انسپيڪٽر، نصير الله خان ايس پي سي ٽي ڊي سي، م??مد اشرف چڍڙ ڊي ايس پي سي ٽي ڊي سي کي بهادري تي، فتح علي يوسف، اشاد ڀوگلا کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن، م??تر??ه جهان آراء کي انفارميشن ٽي??نالاجي، م??ثر شيخا کي انفارميشن ٽي??نالاجي، م??تر??ه رفعت شمشاد کي اسپيس سائنسز، سليم خان لوهاڻي کي فزڪس علوم، ڊاڪٽر عظميٰ بتول کي ميڊيسن علوم، پروفيسر ڊاڪٽر يونس کي ويٽرنري سائنس، ڊاڪٽر رضوان اوپل کي صحت، ڊاڪٽر فرح ناز قمر کي ميڊيسن هيلٿ، پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالق کي ميڊيسن، پروفيسر ڊاڪٽر سليمان اياز کي ميڊيسن، ڊاڪٽر نصرت الله چوڌري کي ميڊيسن، ڊاڪٽر ايس عباس رضا کي ميڊيسن، پروفيسر خالد محمود کي ميڊيسن (نيورو سرجري)، م??مد شهزاد کي ٽي??نيڪل انجنيئرنگ، م??مد سعد الله کي ڪيميڪل انجنيئرنگ، ڊاڪٽر خرم حميد کي اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ، سيد محمد ياسر عباس کي ڪميونيڪشن انجنيئرنگ، شهزاد صادق کي مڪينيڪل انجنيئرنگ، پروفيسر ڊاڪٽر ظهور الحق کي اعليٰ تعليم، ڊاڪٽر ثمرين حسين ۽ پروفيسر ڪمال منير کي تعليم، م??ز نور جهان بلگرامي کي وويول ٽي??سٽائيل ڊيزائنر محقق ۽ ماهر تعليم، رستم علي لوني (چارلي) کي اداڪاري، عارف خان ارباب خان کي فلم هدايتڪاري ۽ فنڪاري، م??مد اقبال لطيف پروڊيوسر ڊائريڪٽر، م??تر??ه نگار نظر کي پتلي ڪارٽون ۽ فنون لطيفه، زين الله کي (چترالي ستارنوازي) موسيقي، م??مد حنيف عرف حنيف شهزاد کي مصوري، جميل احمد پال کي ادب، ذوالفقار سيال کي ادب، وحيد احمد کي ادب، م??تر??ه نيلم احمد بشير کي ادب، ڊاڪٽر شيخ محمد اقبال کي ادب، سورج نارائڻ لعل کي ادب، م??تر??ه خانساماريه کي ادب، قاري ڊاڪٽر اڪرام الله حسن قرات، اويس رضا قادري کي نعت خواني، شفيق احمد چشتي کي ڪٻڊي، م??تر??ه بسمه معروف کي ڪرڪيٽ، اجي للواڻي (آنجهاني) صحافت (ڪئميره مين)، ارشاد مستوئي (مرحوم) کي صحافت، موسيٰ خان خيل (مرحوم) صحافت، عارف خان (مرحوم) صحافت، ضياءَ الرحمان فاروقي (مرحوم) صحافت، شاهد زهري (مرحوم) صحافت، م??تر??ه ڪرسٽينا وان سپرلنگ آفريدي کي عوامي خدمت، فرحاج سڪندر يار خان کي عوامي خدمت، ڊاڪٽر فريد الله خان کي عوامي خدمت، م??تر??ه صائمه سليم کي عوامي خدمت، ياسين ملڪ کي عوامي خدمت (ٽيڪس ڏيندڙ)، حسن جاويد کي برآمد ڪندڙ (چمڙو)، شهزاد اصغر کي برآمد ڪندڙ (ٽيڪسٽائيل)، شبير ديوان کي برآمد ڪندڙ (پلاسٽڪ)، فودغارب کي چانور برآمد ڪندڙ، خالد محمود کي دوائون برآمد ڪندڙ، يعقوب زميندار کي سماجي خدمت ۽ امين هاشواڻي کي سماجي خدمت، سرندي واري شخصيت جي شعبن ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ تمغه امتياز سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صدر پاران ڊاڪٽر مهرين فاروقي کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ تمغه قائداعظم ۽ چوڌري پرويز اقبال لوسر کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ تمغه خدمت جي ايوارڊ سان نوازڻ جو اعلان ڪيو آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي لاڳاپيل شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪستان ۽ غيرملڪي شهرين کي سول ايوارڊ سان نوازڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم