اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن بابت بيانيي کي تبديل ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ض??بطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ض??ورت آهي. هن ڪراچي ڊائون سنڊروم پ??وگرام جو دورو ڪيو ۽ ڊائون سنڊروم کان متاثر ماڻهن کي معاشري ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ تنظي?? جي ڪوششن کي ساراهيو. خاتون اول خاص طور تي شروعاتي سالن ۾ خاندان جي مدد ۽ انهن جي شموليت جي ض??ورت تي پڻ ڳالهه ڪئي. هن خصوصي ماڻهن کي قومي معيشت ۾ ضم ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو ته جيئن انهن جي تشخص کي تبديل ڪري سگهجي. خاتون اول لرننگ سينٽر ۾ ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڊائون سنڊرو?? جي شڪار ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪي ڊي ايس پي جي ڪم کي ساراهيو. ڪراچي ڊائون سنڊروم پ??وگرام هڪ غير منافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جيڪا ٻارن ۽ ڊائون سنڊرو?? جي شڪار ماڻهن جي سارسنڀال جي طريقيڪار جي نئين سر وضاحت جي لاءِ وقف آهي. اها تنظيم گذريل 8 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ڊائون سنڊر?? جي شڪار ماڻهن کي هڪ ٺوس معاشري ۾ آزاد ۽ پيداواري زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي.
خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ریل رش