اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ سان ماڻهن جي ذهن سازي ڪري انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري، عمران خان پن??نج?? ڪڌي ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ??ري آزمائش ۾ وڌو. اها ڳالهه هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ چئي. عمران خان پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر شهزاد اعواڻ بابت پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ هڪ تصوير جو حوالو ڏنو ته پارٽي ڇڏڻ کان انڪار تي ملڪ شهزاد اعواڻ جي قافلي کي باهه لڳائي وئي جنهن تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها تصوير هڪ سال پراڻي نوشهره ۾ موجود آئل ڊيپو ۾ لڳندڙ باهه جي آهي. عمران خان 19 سالن کان ماڻهن کي ڪوڙي، جعلي تصويرن ۽ مصنوعي بيانيي سان ذهن سازي ڪري بيوقوف بڻايو ۽ انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري. مريم اورنگزيب عمران خان کي مشورو ڏنو ته اهي پن??نج?? مجروح اناءَ جي تسڪين جي لاءِ آرام سان ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي رات جو ڪاميڊي شو هڻندو ڪري، ڪنهن رات شو ۾ پن??نج?? ڪڌي ۽ ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي به وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ??ري آزمائش ۾ وڌو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان انهن شهيدن ۽ غازين جي خاندانن کان معافي وٺي جن جي دل هن زخمي ڪيا آهن. هن چيو ته الله تعال??ٰ پن??نج?? بندن جي حقن جي خلاف ورزي معافي نه ٿو فرمائي.
عمران خان ڪوڙ سان ماڻهن جي ذهن سازي ڪري انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado