نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي ترقي هدف حاصل ڪرڻ ۾ وسيلن جي کوٽ درپيش آهي، پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙي ترقي ضروري آهي، ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا، موسمي??تي تبديلين ۽ تڪرارن جي ڪيترن ئي بحرانن اسرندڙ ملڪن جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمي??تي انصاف خاص طور تي 100 ارب ڊالر ڪلائميٽ فنڊز جي فراهمي جي اعلان تي عملدرآمد جو منتظر آهي. هو نيويارڪ ۾ ايس ڊي جيز سربراهن ۾ فنانس ۽ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳو ڪرڻ جي ذريعن جي ڊائيلاگ 6 ۾ ڳالهائي رهيو هو. هتي ملنلدڙ پريس ريليز موجب نگران وزيراعظم وسيلن ۽ سيرپڪاري بابت ايس ڊي جيز سمٽ ليڊرز ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪئي. 18 کان 19 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ ايس ڊي جيز سربراهي ڪ??نفرنس 2030ع جي ايجنڊا ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن جي نشاندهي ڪ??ي ٿي. نگران وزيراعظم پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي روشن?? وڌي ته ايجنڊا 2030ع کي اختيار ڪرڻ جي 8 سالن کانپوءِ ايس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ تي رڳو 12 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي سگهي آهي. معاشي اڻبرابري پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن کي وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا. ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا، موسمي??تي ۽ تڪرارن جي ڪيترن ئي بحرانن اسرندڙ ملڪن جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. غربت ۽ غذائي تحفظ ۾ انهن تڪرارن جي سبب اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ان ۾ اخلاق?? طور تي ڏيوالپڻو عالمي مالي??تي ڍانچي جي ڪ???? وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. نگران وزيراعظم زور ڏيندي چيو ته ايندڙ ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمي??تي انصاف جو منتظر آهي جنهن ۾ موسمي??تي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراهمي جي واعدي جي تڪميل ان جو اڌ حصو موسمي??تي هڪجهڙائي جي لاءِ رکڻ ۽ نقصانن جي لاءِ فنڊ جي فوري شروعات شامل آهي. نگران وزيراعظم ايس ڊي جيز سربراهه اجلاس جي پڌرنامي ۾ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن پاران پيش ڪيل ڪيترين ئي تجويزن کي شامل ڪرڻ جي آجيان ڪئي، انهن ۾ گهڻ رخي ترقي??تي بئنڪن جي جلد سيڙپڪاري، خصوصي ڊرائنگ رائٽ جي ٻيهر چينلنگ، عالمي مالي??تي فن تعمير جي ترقي ۽ سڌارن ۽ سيڪريٽري جنرل جي ايس ڊي جيز محرڪ جي توثيق شامل آهي. نگران وزيراعظم انهن معاهدن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جنرل اسيمبلي جو ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جي تجويز ڏني.
اسرندڙ ملڪن کي ترقي هدف حاصل ڪرڻ ۾ وسيلن جي کوٽ درپيش آهي، پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙي ترقي ضروري آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن