اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايسوسيئيشن ۽ برطانوي پلاسٽڪ سرجنز جي وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز بشير ڪئي. صحت واري وفاقي وزارت جا عملدار پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻارن جي پيدائشي ط??ر تي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي علاج سان ٻارن جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. موجوده دور جي صحت جي مسئلن، مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جدت اختيار ڪرڻي پون??ي. ??فد صدر کي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايسوسيئيشن جي ڪم ۽ سرگرمين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايسوسيئيشن معاشري جي لاچار طبقن کي گجرات ۾ مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ايسوسيئيشن پاڪستان ۾ عالمي معيار موجب علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، متاثر ٻارن کي کائڻ ۽ ڳالهائڻ جي مسئلن کانسواءِ امتيازي ??لو?? کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايسوسيئيشن جي ٻارن جي علاج ۽ سر??ري جي حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
صدر سان ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايسوسيئيشن ۽ برطانوي پلاسٽڪ سرجنز جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج