اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم 8 ۽ 9 نومب?? تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان ??يو ته نگران وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان فلسطين جي حوالي سان ??الهائيندي چيو ته پاڪستان ??ي فلسطين جي ص??رت??ال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل جي قابض فوج فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، گڏيل قومن کي غزه ۾ گهيراءُ جي خاتمي، بمباري روڪڻ ۽ انساني بنيادن تي ڪراسنگ کولڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته ڀارت جي غيرقانوني طو?? تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهن، گذريل مهيني ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 17 ڪشميرين کي شهيد ڪيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??شميرين تي ظلم جاري آهن. هن چيو ته ڀارتي ايجنسيون پاڪستان ۾ جاسوسي، دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طو?? تي رهندڙ غيرملڪين جي خلاف ايميگريشن منصوبي تي ع??لدرآمد شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان هڪ مهينو اڳ غيرقانوني طو?? تي رهندڙ غيرملڪين کي ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي هئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اي سي او جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores