اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪ??تا?? ڏکڻ آفريقا پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ فلسطيني عوام تي ڪيل ظلمن ۽ 1951ع جي نسل ڪشي ڪنوينش?? تحت اسرائيل پاران پنهنجي ذميوارين جي خلاف ورزين بابت داخل درخواست جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ان قا??وني ڪارروائي کي وقت سر سمجهون ٿا ۽ اسرائيل کي 7 آڪٽوبر 2023ع ??ان فلسطيني عوام جي خلاف ٿيندڙ ظلمن جو حساب ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم سمجهون ٿا. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي درخواست ۾ اٿاريل خدشن جو پاڪ??تا?? پڻ اظهار ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل جي جاري فوجي جارحيت ۽ فلسطيني عوام جي خلاف قدم جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه ۽ نسل ڪشي جي برابر آهن. هن چيو ته اسان فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، اسرائيل پاران فلسطيني عوام جي بيدردي سان قتل عام جي خاتمي، غيرانساني گهيراءُ کي ختم ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام کي انساني امداد جي فوري پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪ??تا?? ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته فلسطين مسئلي جو واحد منصفاڻو حل جون 1967ع ??ان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جو قيام آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
پاڪستان ڏکڻ آفريقا پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ اسرائيلي خلاف ورزين بابت داخل درخواست جي حمايت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔