اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ??انون جي پاسداري ڪندڙ ۽ امن پسند ملڪ آهي ۽ سمور?? ملڪن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ايران جي مفاد ۾ آهي ته اهي پنهنجي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن، جيئن 16 جنوري کان اڳ هئا، پاڪستان ايران ??اران سمورن مثبت قدمن جي آجيان ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت نگران ??فاقي ڪابينا کي 16 جنوري 2024ع تي پاڪستان تي ايراني حملي سان ??يدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حمل?? جي تفصيلن سان گڏوگڏ پاڪستان جي ردعمل جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪ فوج جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو جنهن پاڪستان جي خودمختيار?? جي خلاف ورزي جو جواب ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ پوري حڪومتي مشينري متحد ٿي ڪم ڪيو. وفاقي ڪابينا کي خطاب ڪندي نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ??انون جي پاسداري ڪندڙ ۽ امن پسند ملڪ آهي ۽ هو سمور?? ملڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ??ه ڀائر ملڪ آهن ۽ انهن جي وچ ۾ تاريخي طور تي ڀائراڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن جن ۾ احترام ۽ محبت آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ته اهي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن جيئن 16 جنوري 2024ع کان اڳ هئا. نگران ??زيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ايران ??اران سمورن مثبت قدمن جي آجيان ڪندو.
پاڪستان قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ امن پسند ملڪ آهي، سمورن ملڪن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ايران جي مفاد ۾ آهي ته اهي پنهنجي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا