اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوسٽل لائيف انشورنس ??ي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ??ليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي ??يص??ي جي خلاف پوسٽل لائيف انشورنس جي داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي، پوسٽل لائيف فوتي پاران ڄمڻ جي تاريخ غلط ٻڌائڻ ۽ شگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب عبدالعزيز جي والد پوسٽل لائيف کان 2010ع ۾ 50 لک رپين جي انشورنس پاليسي خريد ڪئي هئي. 2015ع ۾ والد جي لاڏڻي کانپوءِ پوسٽل لائيف پٽ کي رقم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. فوتي جي پٽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي. وفاقي محتسب پنهنجي ??يص??ي ۾ قرار ڏنو ته فوتي پاليسي هولڊر سڃاڻپ ڪارڊ تي داخل ڄم جي تاريخ موجب انشورنس پاليسي خريد ڪئي ۽ پوسٽل لائيف فراهم ڪيل معلومات قبول ڪرڻ کانپوءِ انشورنس پاليسي جاري ڪئي. ??يص??ي موجب انشورنس ايجنسي پاران شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادائيگي کان انڪار بدانتظامي جي برابر آهي. ڪمپني وفاقي محتسب جي شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ??رڻ تي صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ شهري جي حق ۾ فيصلو ??نو. صدر پنهنجي ??يص??ي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس آرڊيننس موجب ڪا انشورنس پاليسي شروع ٿيڻ جي تاريخ جي 2 سالن کانپوءِ غلط معلومات جي بنياد تي چئلينج نه ٿي ڪري سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??يص??ي موجب زيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن ??انگر زندگي گذارين ٿا. صدر هدايت ڪئي ته پوسٽل لائيف وفاقي محتسب جي ??يص??ي جي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڪندي فوتي جي وارثن کي ان جي انشورنس ??ليم ادا ڪري.
صدر پاران پوسٽل لائيف انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo