اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??مر??ڪا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا موقعا ڳولڻا پوندا، ??مر??ڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي معيشت ۾ جديد ڪاروباري آئيڊياز آڻڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ??مر??ڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جا ??مر??ڪا سان ست ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا ??هن جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي اولين ترجيح پن??نج?? معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ان جي منفي اثرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن. هن چيو ته پاڪستان آبپاشي جي جديد طريقن کي اختيار ڪري پن??نج?? زرعي شعبي کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. ??مر??ڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۽ ??مر??ڪا واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته ??مر??ڪا پاڪستان جي تعليمي شعبي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي لحاظ کان لچڪدار اسڪولن جي تعمير جي لاءِ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام مڪمل ڪيو آهي. ??مر??ڪي سفير صدر کي ٻيون ڀيرو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا موقعا ڳولڻا پوندا: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ