آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان جي شهر آستانه ۾ ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي بيلاروسي هم منصب سرگئي ايلينڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڌرين پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ پراڻي دوستاني لاڳ??پن کي ساراهيو ۽ واپار، اقتصادي تعاون ۽ عوامي مٽاسٽا تي خاص ڌيان سان گڏوگڏ ٻطرفن لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن اسلام آباد ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي اڳئين دور جي تيارين جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌ??ئڻ ۽ تعليم ۽ ثقافتي تعاون کي وڌ کان وڌ وڌ??ئڻ تي ات??اق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis