اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قوم چيو آهي ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ دوران شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي سبب متاثرن جي ياد ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چ??و ته آخري دهشتگرد جو خاتمو ڪري شهيدن جي رت جو قرض لاهينداسين. هن چ??و ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيل قوم جا محسن آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج، پو??يس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي رت سان امن قائم ڪيو آهي. هن چ??و ته تاريخ عالم پاڪستان جي لازوال قربانين جي ڪنهن ٻئي مثال ڏيڻ کان قاصر آهي، پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. وفاقي گهرو وزير چ??و ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن، حڪومت ۽ قوم شهيدن جي بهادر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي. هن چ??و ته شهيدن سان انهن جي ڪٽنبن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ٿيون ٿا. اڄ اسان هڪ قوم جي حيثيت سان دهشتگردي سبب متاثرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چ??و ته پاڪس??ان?? قوم پختي عزم ۽ حوصلي سان دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏنو آهي، اڄ اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين ۽ اسان جو مستقبل وڌيڪ پ??ام?? ۽ محفوظ هوندو.
قوم دهشتگردي خلاف جنگ دوران شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿي ڪري سگهي: وفاقي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب