راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچس??ان جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 آگسٽ 2024ع جي وچ واري رات دهشتگردن بلوچس??ان ۾ ڪيتريون ڪڌيون ڪارروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دشمن عنصرن جي هدايت تي ڪئي ويندڙ انهن بزدلاڻي دهشتگردي جي ڪاررواين جو مقصد بلوچس??ان جي پرامن ماحول ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ هو، جن ۾ خاص طور تي موسيٰ خيل، قلات ۽ لسٻيلا ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. انهن واقعن جي نتيجي ۾ ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿيا. موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن راڙاشم جي عام علائقي ۾ هڪ بس کي روڪيو ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو جيڪي بلوچس??ان م پنهنجي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئ??. سيڪيورٽي فورسز ۽ قان??ن لاڳو ڪندڙ اد??رن فوري طور تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ جوابي ڪارروائي دوران 21 دهشتگردن کي ماريو جنهن سان مقامي آبادي جي تحفظ ?? سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو. جڏهن ته انهن ڪاررواين دوران 14 بهادر جوان جن ۾ 10 سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ 4 قان??ن لاڳو ڪندڙ اد??رن جا اهلڪار شامل هئ??، بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته انهن ڪڌي ۽ بزدلاڻي ڪاررواين جي منصوباسازن، ڏوهارين، سهولتڪ??رن ۽ معاونين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جيڪي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. پاڪس??ان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قان??ن لاڳو ڪندڙ ادارا قوم سان گڏجي بلوچس??ان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج