اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق ??يو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي مدبراڻي، اصول پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کن?? جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي ??رابري جا حق آهن. گذريل ڏينهن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قائداڻين صلاحيتن ۽ بصيرت کي ??راج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قائداعظم جي مدبراڻي، اصول پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کن?? جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي ??رابري جا حق، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن جتي هو پنهنجي رسمن، رواجن ۽ عقيدن مطابق مڪمل مذهبي آزادي سان زندگي گذاري سگهن. انهن خيالن جو اظهار هن باباءِ قوم جي 76هين ورس?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اسپيڪر چيو ته باباءِ قوم جي زندگي اصول پسندي، جدوجهد، سياسي بصيرت، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سونهري اصولن جو عملي نمونو هئي. هن چيو ته قائداعظم اهڙي رياست جي قيام جو خواب ڏٺو هو جتي ڪنهن کي لساني، طبقاتي، مذهبي ۽ عددي ب??يادن تي فوقيت حاصل نه هجي. اسپيڪر ان موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي رهنما اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هن وقت ملڪ کي ??ن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي انهن کي پاڪستان جي بان?? جي رهنما اصولن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل پيرا ٿي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کي ??راج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس سونهري اصولن تي عمل پيرا ٿي ملڪ کي ??رقي ۽ خوشحال?? جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪيون. هن سمورين سياسي پارٽين کي پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ کي ??رپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر الله تعاليٰ کان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي ب??ندي ۽ سندس سونهري اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ ملڪ کي ??رقي ۽ خوشحال?? جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ توفيق عطا فرمائڻ جي دعا گهري.
قائداعظم جي ڪري ئي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری