اسلام آب??د – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ سڄي ??نيا ۾ ”ڪارو ڏينهن??? م??هايو ويندو، اهو ڏينهن ڀارتي فوجين جي سرينگر ۾ داخل ٿيڻ جي 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي بطور ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪشميري عو??م ڪڏهن به پنهنجي سرزمين تي ڀارتي قبضي ۽ خودمختياري جي حق کان مسلسل انڪار کي قبول ناهي ڪيو. ترجمان چيو ته ڪشميرين جون ڏهاڪن جي قبضي ۽ ڏاڍ جي باوجود پنهنجي حقن ۽ آزادي جي لاءِ انهن جون امنگون زندهه آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل