اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪو ۾ جاري گڏيل قومن جي ڪاپ-29 اجلاس ۾ سومر تي پاڪستان پويلين تي 6 تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه وزيراعظم ??ي موسمياتي تبديليءَ بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ٻُڌائي. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ واري وزارت پاڪستان ??ي موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، فضائي گدلاڻ، برقي گاڏين، ??وجوانن جو موسمياتي خطرن جي انتظام ۾ ڪردار ۽ موسمياتي سبز سيڙپڪاري تي پاڪستاني پويلين تي اڄ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. هي تقريبون رومينه خورشيد عالم جي اڳواڻيءَ ۾ ترتيب ڏنيون پيون وڃن. مختلف ملڪن مان موسمياتي اڳواڻ، سياستدان، ??يڊيا جا نمائندا، شاگرد ?? محقق تقريبن ۾ شرڪت ڪري ره??ا آهن.
آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪو ۾ جاري گڏيل قومن جي ڪاپ-29 اجلاس ۾ پاڪستان پويلين تي 6 تقريبون منعقد ٿينديون
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا