واشنگٽن-05 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتي مشنز ۾ مقررين لاءِ چونڊيل امريڪي فارن سروس جي 16 آفيسرن سان ملاقات ڪئ?? ۽ انهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپا هموار ڪرڻ تي زور ڏنو. پاڪستا??ي سفارتخاني مان جاري پريس رليز موجب مسعود خان چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي پراڻن لاڳاپن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن فارن سروس انسٽيٽيوٽ ( ايف ايس آءِ) ۾ 32 هفتن جي وقت تي ٻڌل اردو ٻولي جي ڪورس ۽ ثقافت جي تربيت مان گذرندڙ آفيسرن کي چيو ته اوهان جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪ خاص طور تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام کي هڪٻئي جي ويجهو آڻينداسين، پاڪستا??ي سفير اردو ۾ ڳالهائيندي آ??يسرن تي زور ڀريو ته هو سفارتڪاري ذريعي گڏيل غلط فهمين ۽ بدگمانين کي ختم ڪن، هن ??يو ته ٻئي ملڪ اقتصادي لاڳاپن ۽ سولين شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن ??يو ته پاڪستان وٽ اهڙا بي قدرتي وسيلا، جاگرفيائي بيهڪ ۽ ڀرپور ثقافتي ورثو آهي جنهن ??ي پوري طرح استعمال ۾ ناهي آ??دو ويو. هن ??يو ته تعليمي شعبي ۾ سهڪار ٻطرفي لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهي جيڪو پاڪستاني نوجوانن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ان سلسلي ۾ هن 39 هزار اهڙن اڳوڻن شاگردن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي جن آمريڪا ۾ مختلف تعليمي ادارن مان تربيت حاصل ڪئ??. ان کان اڳ ڊائريڪٽر ايف ايس آءِ سفير جوآن اي پولاسچڪ پاڪستا??ي سفير کي اداري جي مختلف تربيتي پروگرامن تي بريف ڪيو.
پاڪستاني سفير جي آمريڪي فارن سروس جي آفيسرن سان ملاقات، گڏيل عوامي رابطن ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپن تي زور
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر