تل ابيب-11 ڊسمبر (اي پي پي) غزه جي جنگ سبب اس??ائ??ل جو بجيٽ خسارو نومبر ۾ وڌي 4.5 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. اس??ائ??ل جي ناڻي وزارت چيو آهي ته بجيٽ خساري جي خرچن ۾ واڌ جو سبب غزه ۾ جاري ويڙهه لاءِ مالي مدد جي فراهمي آهي. العربيه مطابق اس??ائ??ل جي ناڻي وزارت ٻڌايو آهي ته بجيٽ خسارو گذريل 12 مهينن ۾ وڌي نومبر ۾ 3.4 سيڪڙو ٿي ويو آهي جيڪو آڪٽوبر ۾ 2.6 سيڪڙو هو. اس??ائ??ل جي ناڻي وزارت ٻڌايو ته سال 2023ع جو بجيٽ خسارو مجموعي گهريلو پيداوار جي اٽڪل 4 سيڪڙو تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. وزارت مطابق گذريل مهيني محصول ۾ 15.6 سيڪ??و جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جو هڪ سبب 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيل جنگ جي نتيجي ۾ ٽيڪس وصولي ۾ التوا آهي. آڪٽوبر ۾ اس??ائ??ل جو خسارو 22.9 بلين ڊالر شيڪل تائين پهچي ويو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی