گڏيل قومون – 02 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن تنبيهه ڪئي آهي ته غزه ۾ اسپتالن ۽ پسگردائي ۾ اسرائيل جي ??سلسل بمباري ۽ گهيراءُ هيٺ فلسطيني علائقي جي صحت جي ??ظام کي تباهي جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس 12 آڪٽ??بر 2023ع کان جون 2024ع وچ ۾ ٿيل حملن بابت رپورٽ ۾ چيو آهي ته عزه تي اسرائيلي جارحيت جي ??تيجي ۾ فلسطيني عوام کي طبي س??ولتن تائين پهچ تي س??گين اثر پيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ته غزه ۾ صحت جي ??ظام جي تباهي ۽ انهن حملن ۾ مريضن، عملي ۽ ٻين شهرين جي ??وتگين جو ايترو انگ بين الاقوامي انساني ۽ انساني حقن جي ??انونن کي نظر انداز ڪرڻ جو سڌي ريت نتيجو آهي. رپورٽ ۾ 27 اسپتالن ۽ 12 ٻين طبي مرڪزن تي 136 حملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جن ۾ ڊاڪٽرن، نرسن، طبي عملي ۽ ٻين شهرين جو جاني نقصان ٿيو. رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته انهن حملن شهري بنيادي ڍانچي کي جيڪڏهن مڪمل تباهه ناهي ڪيو ته ڪافي نقصان پهچايو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي ??سلسل بمباري ۽ سنگين انساني صورتحال سبب واحد پناهگاهه جتي فسلطينين کي محفوظ محسوس ڪرڻ چاهيون پيا، حقيقت ۾ موت جو ڄار بڻجي ??ئي. ٻئي پا??ي گڏيل قومن چيو آهي ته ان ٻن مهينن ۾ اتر غزه ۾ شهرين تائين امداد پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسرائيلي گهيراءُ سبب ڪا پهچ حاصل ناهي ٿي.
غزه ۾ اسپتالن تي اسرائيلي حملن سبب صحت جو نظام مڪمل تباهي جو شڪار ٿي ويو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ