اسلام آباد ?? 29 ??ون (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان زرعي شعبي جي فروغ ۽ خاص طور تي ننڍن آبادگارن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ ٽيوب ويلز جي حوالي سان بجلي جي قيمتن تي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز تي صوبن جي مشاورت سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هو زرعي شعبي ۾ ٽيوب ويلز تي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزير??عظ?? عمران خان هدايت ڪئي ته زرعي شعبي جي فروغ ۽ خاص طور تي ننڍن آبادگارن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ ٽيوب ويلز جي حوالي سان بجلي جي قيمتن تي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز تي مشاورت ۾ صوبن کي شامل ڪري حڪمت عملي جوڙي وڃي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر