اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت انصا?? ڪارڊ ورهائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ هيلٿ ڪارڊ ذريعي صحت جي سهولتن بابت عوامي ردعمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ٻڌايو ته عوام پاران صحت انصا?? ڪارڊ جي حوالي سان انتهائي حوصلي جوڳو ردعمل سامهون آيو آهي. صحت انصا?? ڪارڊ جي ڪري مستحق ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن کي صحت جي حوالي خان خاطرخواهه رليف مليو آهي. وزيراعظم عوام جي مثبت ردعمل تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته صحت انصا?? ڪارڊ ذريعي معياري صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات