اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر فوج ۽ عدليه جي خلاف مهم هلائڻ بند ڪري، جڏهن به نواز شريف يا مريم نواز جا ڪيس عدالتن ۾ هلڻ شروع ٿين ٿا ته ڪا ليڪ سا??هون اچي وڃي ٿي يا وڊيو، نه ٿيون اچن ته رسيدون سا??هون نه ٿيون اچن جن جو پوري قوم کي انتظار آهي، عدالتن انه?? کي ڪيترائي موقعا ڏنا، ثبوت هجن ها ته اهي پيش ڪن ها، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي ڪرپشن جي هر ٻار کي خبر آهي، پاڪستان جي آئين ۾ ٻن??ي ادار?? کي تحفظ حاصل آهي، اي وي ايم ۽ اوورسيز پاڪستاني?? کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سا?? قانون بڻجي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي ذريعي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري، آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿي چڪو آهي، پاڪستاني معيشت کي استحڪام مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن به نواز شريف يا مريم نواز جا ڪيس عدالتن ۾ هلڻ شروع ٿين ٿا ته ڪا ليڪ يا وڊيو ته سا??هون اچي وڃي ٿي پر رسيدون سا??هون نه ٿيون اچن جن جو پوري قوم انتظار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاناما اسڪينڊل ۾ دنيا جي بدترين حڪمرانن جا نالا آيا، نواز شيف جو نالو به انهن ۾ شامل هو. شريف خاندان لنڊن اپارٽمينٽس جي حوالي سا?? غلط بياني سا?? ڪم ورتو، لنڊن ۾ انهن جا چار اپارٽمينٽس موجود آهن جتي شايد برطانيا جو وزيراعظم به اپارٽمينٽس نه خريد ڪري سگهي، مريم نواز ان وقت چيو هو ته منهنجي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هن ڪيلبري فونٽ جا جعلي دستاويز پيش ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن فليٽن جي جاچ ۾ اهي پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، عوام، ميڊيا، ٽرائل ڪورٽ ۾ هڪ صحيح ٿبوت به پيش نه ڪري سگهيا، عدالتن انه?? کي ڪيترائي موقعا ڏنا پر انهن وٽ ثبوت هجن ها ته اهي پيش ڪن ها، انهي دوران عمران خان 40 سا?? پراڻيون رسيدون عدالت ۾ پيش ڪيون. هن يچو ته نيب آرڊيننس جي سيڪشن 9 ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪير پنهنجي ملڪيت ثابت نه ڪري سگهي ته اها ڪرپٽ پريڪٽس آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز ش ريف ۽ آصف علي زرداري جي ڪرپشن جي ٻار کي خبر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستاني?? کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سا?? قانون موجود آهي، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي شفاف چونڊن جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گهرو وزير کي پاسپورٽ ٺاهڻ بابت معامل?? کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن اوورسيز پاڪستاني?? کي ووٽنگ جي حوالي سا?? مسئلا پيش نه اچن. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام منظور ٿي ويو آهي، پاڪستاني معيشت کي استحڪام مليو آهي، سٺيون خبرون به اچي رهيون آهن، پارليامينٽ اي وي ايم ۽ اوورسيز پاڪستاني?? کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سا?? بل منظور ڪري ورتا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر عدليه ۽ فوج جي خلاف مهم بند ڪري، اسان جي آئين ۾ انهن ٻن??ي ادار?? کي تحفظ ۽ احترام حاصل آهي، مخالف ڌر پنهنجي سوشل ميڊيا ۽ ڪڏهن پنهنجي ليڊرن جي ذريعي ٻن??ي ادار?? کي نشاني تي رکيو آهي جيڪو غيرمناسب آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب ميريٽ هوٽل اسلام آباد ۾ مريم نواز جي پروگرام جي فنڊنگ بابت اسٽيٽ بئنڪ کي خط لکيو آهي، جهڙي طريقي سا?? ان پروگرام جي فنڊنگ ٿي ان تي ٺوس جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي به پنهنجي رپورٽ ٺاهيندي، قانون موجب ان تي ڪارروائي ٿيندي.
مخالف ڌر فوج ۽ عدليه جي خلاف مهم هلائڻ بند ڪري، جڏهن به نواز شريف يا مريم نواز جا ڪيس عدالتن ۾ هلڻ شروع ٿين ٿا ته ڪا ليڪ سامهون اچي وڃي ٿي يا وڊيو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria