اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ٻوڏ متاثر علائقن جي بگڙج??دڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فضائيه کي ٻوڏ جي جارحاڻي مهم ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه سمورن بيسز کي هدايت ڪئي آهي ته هو مقامي سول عملدارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي ام??اد لاءِ پي اي ايف فلڊ رل??ف ڊونيشن اڪائونٽ قائم ڪيو پيو وڃي. چيف آف دي ايئر اسٽاف جي انساني ام??اد ۽ قدرتي آفتن بابت ام??ادي مهم جو مقصد زميني رستو ڪٽجڻ سبب ڏورانهن علائقن ۾ ڦاٿل ٻوڏ متاثرن تائين پهچي کين بروقت ام??اد فراهم ڪرڻ آهي. پي اي ايف جي سمورن برانچز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان مهم لاءِ ڀرپور ڪوشش ۽ تعاون فراهم ڪن. ام??ادي ڪاررواين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکڻ لاءِ ايئر هي?? ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ هڪ فوڪل پوائنٽ به قائم ڪيو ويو آهي. اثرائتي انتظامن لاءِ ريجنل ايئر ڪمانڊز تحت 3 رل??ف زونز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته پي اي ايف ايئر موبلٽي ڪمانڊ جي 25 کان وڌيڪ هيلي ڪاپٽرز ۽ 8 سي-130 جهاز ڏورانهن علائقن ائين فوري رسائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ان جدوجهد لاءِ هڪ ايئر سپورٽ برج قائم ڪيو پيو وڃي، جتي بي گهر ماڻهن لاءِ خيما بستيون قائم ڪيون پيون وڃن جي کين مفت خوراڪ، رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڊزاسٽر رل??ف سيل ۾ قائم پي اي ايف هيلپ ڊيسڪ مان ٻوڏ بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ۽ ام??اد لاءِ 9260835-051 ۽ 9262404-051 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪ فضائيه پاران انساني امداد ۽ قدرتي آفتن بابت امدادي مهم تيز
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil