اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ايشي?? ۾ ??ابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وز??راعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف قزاخستان ج?? گادي واري ??هر آستانه ۾ ”ايشيا رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن“ (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري (12 ۽ 13 آڪٽوبر) تي ٿيندڙ ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪابينا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هوندا. وز??راعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. هو پنهنجي خطاب ۾ ايشيائي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ٺاهن ۽ تعاون ج?? فروغ جي لاءِ سيڪا جي منفرد فورم طور اهميت اجاگر ڪندو. وز??راعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان ج?? موقف پڻ اجاگر ڪندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وز??راعظم سيڪا جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن ج?? مقصد خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. سيڪا سڄي ايشيا جي 27 ملڪن تي ٻڌل بين الحڪومتي فورم آهي جيڪو 1992ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان ۾ ننڍي کنڊ ايشي?? ۾ ??من، سلامتي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. سيڪا ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون ج?? ذريعي علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر فورم آهي. هي فورم وڏن شعبن ۾ اعتمادسازي جي قدمن کي فروغ ڏي ٿو جنهن ۾ معاشي رخ، ماحولياتي رخ، انساني رخ، نئين چئلينجز ۽ خطرن ۽ فوجي ۽ سياسي رخ شامل آهن. سيڪا جي منشور ۽ هدفن ج?? ڏس ۾ وز??راعظم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان ايشي?? ۾ ??ابطن ۽ معاشي تعاون ج?? فروغ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.
وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار