اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون ??نظ??م (اي سي او) جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ تاشقند پهچي ويو. پرڏيهي وزير (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس جي ٿيم ”رابطي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين نمائندن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ڪائونسل آف منسٽرز اقتصادي تعاون ??نظ??م جو پاليسي ساز فورم آهي جيڪو ??نظ??م جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ا??تصادي تعاون ??نظ??م جو 25 هون وزارتي ڪائونسل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد تر??ما??ستان ۾ ٿيو هو. پاڪستان هڪ باني ميمبر طور اقتصادي تعاون ??نظ??م (اي سي او) جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ موثر علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي.
بلاول ڀٽو زرداري اي سي او جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ تاشقند پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria