اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ رهن??ڙ ڪشميري سڀاڻي ڀارت جي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي اهو ??اضح پيغام ڏيڻ آهي ته هو ??نهنجي وطن تي ڀارت جي قبضي کي رد ڪن ٿا. ڪاري ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني ۽ ڀارت جي غير قا??وني طور قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ آزادي پسند جماعتون ان جي حمايت ڪري رهيون آهن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جو چيئرمين مسرت عالم بٽ دهليءَ جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغام ۾ ڀارت جي غير قا??وني طور والاريل ڄمون ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ رهن??ڙ ڪشميرين کي ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ انسانيت خلاف جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، ان کي پاڻ کي وڏو جمهوري ملڪ قرار ڏيڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل ناهي. ٻي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ نع??م احمد خان ڪشميري عوام تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين. تهاڙ جيل ۾ نظربند پنهنجي پيغام ۾ ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غير قا??وني ۽ زبردستي قبضي جي مذمت ڪندي ڀارتي حڪمرانن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي سياسي قسمت جو فيصلو آزاداڻي، منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ ذريعي ڪرائڻ جي پنهنجي وعدن باوجود ڪشميري عوام جي اُمنگن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ لاءِ پُرتشدد رستي جي چونڊ ڪئي آهي. هن چيو ته عالمي برادريءَ جي اها ذميداري آهي ته هو ڀارت جي ڪشمير تي غير قا??وني قبضي جو سنجيدگيءَ کان نوٽيس وٺي. هوڏانهن ڊيموڪريٽو فريڊم پارٽي پڻ ڪل جماعتي ڪانفرنس جي هڙتال ??ي سڏ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن دنيا کي اهو ??يغام ڏئي سگهجي ته ان جي مادرِ وطن تي ڀارت جي غير قا??وني ۽ زبردستي قبضو انهن لاءِ ناقابل قبول آهي. ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ موتن ۽ تباهيءَ ۾ ملوث آهي ۽ ان لکين ڪشميرين کي بندوق جي زور تي يرغمال ??نائي رکيو آهي، ان کي يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق ناهي.
سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري سڀاڻي ڀارت جي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت