اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٿاڻي مڪڙوال ميانوالي ۾ دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جو جذبو ۽ ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ وڏي وزير شهباز شريف دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي جديد هٿيار ۽ تربيت سان موث?? فورس بڻايو. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي جديد هٿيارن، ٽيڪنالاجي ۽ تربيت سان و??يڪ مضبوط بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته قوم کي پنهنجي فورسز تي فخر آهي. دهشتگردي جي خلاف آفيسرن ۽ جوانن جي جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس