ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ??زب??ستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب افغ??نس??ان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي مو??عي تي روسي پرڏيهي وزير سان مملڪتي وزير جي ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اعل??ٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ غذائي تحفظ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پرامن، مستحڪم، خودمختيار ۽ خوشحال افغ??نس??ان جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهي مشاورت جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين شنگهائي تعاون تنظيم تحت مختلف اقتصادي قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena