اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف عمان جي س??طان هيثم بن طارق بن تيمور آل سعيد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف عمان جي س??طان هيثم بن تيمور آل سعيد کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، خاص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻنهي سامونڊي پاڙيسرين جي وچ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي س??طان وزي??اع??م جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم جو عمان جي سلطان سان ٽيليفونڪ رابطو، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار