اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ناليواري عالم دين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي وچ اوڀر ۽ اس??امي ملڪن ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي سهولت لاءِ خصوصي نمائندي جي عهدي جي لاءِ نئين سر مق??ري ڪري ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري توقير شاهه پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ??وجب 21 آڪٽوبر ۽ 29 ڊسمبر جي حڪمن جي تسلسل طور نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي وچ اوڀر ۽ اس??امي ملڪن ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ خصوصي نمائندي جي عهدي لاءِ نئين سر مق??ري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. حافظ محمد طاهر محمود اشرفي هڪ ناليوارو مذهبي اسڪالر ۽ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين جي هجڻ سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي س??ح تي مذهبي هم آهنگي جي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان اهم ڪردار جي لاءِ ان جي ٻيهر مق??ري واضح ڪري ٿي ته حڪومت اس??امي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان جي اندر مذهبي گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيڻ جي سندس صلاحيت تي يقين رکي ٿي. حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي اس??امي فقه جي گهري مطالعي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ سان وابستگي طور سڃات?? وڃي ٿو. هن مختلف مذهبي فرقن ۽ مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن ۽ عالمن کي متحد ڪيو، سندس ڪوششن سان پاڪستان ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ مذهبي رواداري کي فروغ ڏيڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. وچ اوڀر ۽ اس??امي ملڪن ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي سهولت لاءِ بطور خصوصي نمائندي هن وچ اوڀر ۽ اس??امي ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي سفارتي ڪوششن ۾ پروان چڙهايو. هو علائقائي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ جاري مسئلن جي پرامن حل کي فروغ ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ مڪالمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سندس ٻيهر عهدي کي عالمي ميدان ۾ ان جي موثر سفارتڪاري ۽ ثالثي جي مهارت جي ثبوت طور ڏٺ?? وڃي ٿو. وچ اوڀر ۽ اس??امي دنيا ۾ رابطن جي وسيع نيٽ ورڪ مان اميد ڪئي وڃي ٿي ته اهو عالمي س??ح تي پاڪستان جي حيثيت کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ملڪ جي سياسي، مذهبي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ عالمي برادري سميت مختلف ڌرين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي ٻيهر مق??ري کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو خصوصي نمائندي جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪردار جي لاءِ اڻٿڪ وابستگي سان وچ اوڀر ۽ اس??امي ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ عالمي امن ۽ مذهبي هم آهنگي ۾ موثر ڪردار ادا ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ناليواري عالم دين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي خصوصي نمائندي طور نئين سر مقرري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار