اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته 8 فيبروري تي عام چونڊون منعقد ٿيڻ تي ڪو شڪ نه هجڻ ??هر??ي، 9 مئي کانپوءِ رياستي ڏاڍ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي ??يو?? اهو رڳو الزام آهي، نگران حڪومت قومي معيشت بهتر بڻائڻ جي لاءِ محدود مينڊيٽ ۾ رهند?? جيڪو م??ڪن آهي، ڪري رهي آهي، باقي ڪم ايندڙ حڪومت ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”انڊپينڊنٽ اردو“ کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. چونڊن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون، ان حوالي سان قوم کي ڪو شڪ نه هجڻ ??هر??ي. نگران وز??راعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون ٿينديون، اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وز??راعظم چيو ته ماڻهو مختلف سياسي تجزيا پيش ڪندا رهندا آهن، ڪنهن اڳواڻ جي مقبوليت ڪيتري آهي ان جو اندازو عام چونڊن ۾ ٿي ويندو. اڳوڻي وز??راعظم عمران خان ۽ ان جي پارٽ?? جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابند?? جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وز??راعظم چيو ته اڃا تائين ان تي ڪا پابندي نه آهي. مستقبل ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي ان بابت هو هينئر ڪجهه نٿو چئي سگهي. في الحال اڳوڻو وز??راعظم چونڊون وڙهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي مبينا گمشدگين، منظرعام تي اچڻ ۽ سياست ڇڏڻ جي اعلانن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وز??راعظم چيو ته 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ٿيا جنهن کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو روپوش ٿي ويا، ان روپوشي دوران ڪنهن غور فڪر جي نتيجي ۾ پي ٽي آئي يا سياست ڇڏي ڏيڻ، انهن ماڻهن جو ذاتي فيصلو آهي. ان بابت هو ڪجهه چوڻ کان قاصر آهي جڏهن ته هن واضح ڪيو ته انهن سان رياستي ڏاڍ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي ??يو?? نه ئي ڪنهن رياستي ڏاڍ جي ڳالهه ڪئي، اهو رڳو الزامن جي حد تائين آهي. نگران وز??راعظم ليول پليئنگ فيلڊ نه هجڻ جي الزامن کي به رد ڪيو. نگران وز??راعظم نگران حڪومت جي قومي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نگران حڪومت وٽ هڪ محدود مينڊيٽ آهي ۽ ان ۾ رهندي هو جيڪو ڪم ڪري سگهندا، ڪندا، باقي ڪم ايندڙ حڪومت جي لاءِ ڇڏي ويندا. پي آئي ا?? جي نجڪار?? جي پٺيان مخصوص عنصرن جي هجڻ بابت سوال تي نگران وز??راعظم چيو ته اهي سازشي مفروضا آهن جن جي ڪري ملڪ هن حالت تائين پهتو آهي. نجڪار?? جي لاءِ ماهر صلاحڪار مقرر ٿيو آهي ۽ بهترين طريقيڪار اختيار ڪيو پيو وڃي جنهن جي 50 سالن کانپوءِ به آڊٽ ٿي سگهندي. نگران وز??راعظم پنهنجي ان راءِ جو اظهار ڪيو ته حڪومتون ڪاروبار ناهن هلائينديون.
عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿيڻ تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، 9 مئي کانپوءِ رياستي ڏاڍ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي آيو، اهو رڳو الزام آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم