اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) حڪومت واضح ڪيو آهي ته آئين تحت هر شهري کي احتجاج جو حق حاصل آهي، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري مظاهرين کي ايڇ نائين يا ايف نائين پارڪ ۾ جڳهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي، بلوچستان مان ايندڙ مظاهرين پرامن هئا، ڪجهه نقاب پوش مقامي ماڻهن صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پٿراءُ شروع ڪري ڇڏيو، سمورين گرفتار عورتن ۽ جن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، انهن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي اهي حراست ۾ آهن، سڀاڻي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار نگران وفاقي وزيرن مرتضيٰ سولنگي، فوا?? حسن فو??د ۽ جمال شاهه اسلام آباد انتظاميا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم مظاهرين سان ڳالهين جي لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن مظاهرين سان ملاقات ڪئي، حڪومت پاران فوا?? حسن فواد مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته عورتن ۽ ٻارن جي فوري آزادي جي لاءِ ڪميٽي قدم کنيا جڏهن ته مظاهرين جي پراڻي مسئلن جي حوالي س??ن ڪميٽي پنهنجون سفارشون نگران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪندي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير ۽ ڪميٽي جي ميمبر فوا?? حسن فواد چيو ته بلوچستان مان آيل مظاهرين کي ايڇ نائين ۽ پوءِ ايف نائين پارڪ ۾ جڳهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. هن چيو ته گذريل 23 ڏينهن ک??ن ڪجهه عورتون ۽ مرد پريس ڪلب آڏو ويٺل هئا، جيڪي ماڻهو بلوچستان مان آيا، انهن پار??ن ڪا شرانگيزي نه ڪئي وئي، پرامن هئا پر ڪجهه مقامي نقاب پوش ماڻهن صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پٿراءُ ڪ??و. ??ن چيو ته سيڪيورٽي خدشن جي ڪري مظاهرين کي بار بار درخواست ڪئي پئي وئي ته توه??ن ڪنهن ٻي جڳهه تي مظاهرو ڪر??و. ??ن چيو ته اڄ جن مظاهرين سان اسان جي ملاقات ٿي ته انهن ٻڌايو ته اسان پرامن هئاسين، اسان جو ڪو ارادو نه هو ته صورتحال خراب ٿئي. هن چيو ته مظاهرين سان ملاقات کانپوءِ آءِ جي اسلام آب??د ۽ چيف ڪمشنر کان رپورٽ ورتي وئي، اهو معاملو نگران وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويو آهي. انهي دوران نگران وزيراعظم سان بلوچستان جي اڳوڻي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ پڻ رابطو ڪيو ۽ ان مسئلي کي فوري حل ڪرڻ جو مطالبو ڪ??و. ??ن چيو ته ڪميٽي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، گرفتار سمورين عورتن ۽ جن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي هئي، انهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو ويو، رڳو اهي ماڻهو حراست ۾ آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي. هن چيو ته ايف آءِ آر ۾ جن ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي انهن جو معاملو عدالت ۾ آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب رپورٽ سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان آءِ جي پوليس اسلام آباد کي چيو آهي ته هو گرفتار ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪري. انهن ماڻهن جو انگ تمام گهٽ آهي، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ گرفتار مرد آزاد ٿي چڪا آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته سيڪيورٽي جا معاملا سڀني ڄاڻ ۾ آهن، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري مظاهرين کي ايف نائين پارڪ يا ايڇ نائين گرائونڊ ۾ وڃڻ جو چيو پئي ويو، حڪومت جي ان عمل سان اها پروپئگنڊه زائل ٿي وئي آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت نه آهي. هن چيو ته پٿراءُ جو سلسلو انهن ماڻهن شروع ڪيو جيڪي بلوچستان مان ايندڙ مظاهرين ۾ شامل نه هئا. هن چيو ته آئين جي اندر رهندي سڀني کي احتجاج جو حق حاصل آهي. فوا?? حسن فواد چيو ته نگران وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي مظاهرين سان ڳالهين جي حوالي سان پنهنجون سفارشون جوڙيندي، اسان جي سفارشن ۾ اهڙي طرح جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ موجود هوندي. هڪ سوال تي هن چيو ته احتجاج جي اجازت موجود هئي پر ڪجهه ماڻهو ان معاملي کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃڻ چاهيندا هئا، بلوچستان هجي يا ڪو ٻيو صوبو، هر هڪ جو اسلام آباد اچڻ جو حق آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جيستائين چونڊن جي ڳالهه آهي ته چئلينجز هر جڳهه تي موجود هوندا آهن، 2008ع، 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن جي وقت به چئلينجز موجود هئا، رياست چئلينجز ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ثقافت ۽ قومي ورثي واري نگران وفاقي وزير ۽ ڪميٽي جي ميمبر جمال شاهه چيو ته انتظاميا مظاهرين کي ايڇ نائين يا ايف نائين پارڪ ۾ ويهڻ جو چيو، گذريل 23 ڏينهن کان مظاهرين پريس ڪلب جي ٻاهر موجود هئا، انهن جي خلاف ڪنهن ايڪشن نه ورتو. هن چيو ته ڪجهه سيڪيورٽي خدشن جي ڪري انتظاميا مظاهرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اسان مسئلن کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪميٽي جون سفارشون نگران وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون.
آئين تحت هر شهري کي احتجاج جو حق حاصل آهي، بلوچستان مان ايندڙ مظاهرين پرامن هئا، ڪجهه نقاب پوش مقامي ماڻهن صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي/ فواد حسن فواد/جمال شاهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ