مڪه المڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ۽ سعودي ??رب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شه??اده محمد بن سلمان ب?? عبدالعزيز السعود پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي نئين سعودي ??يڙپڪاري پئڪيج جي پهرين مرحلي کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي ??رب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شه??اده محمد بن سلما?? عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شه??از شريف جي وچ ۾ باضابطا ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. سعودي ??رب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شه??اده محمد بن سلمان ب?? عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شه??از شريف الصفا پيلس مڪه المڪرمه ۾ هڪ باضابطا ملاقات ڪئي. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد شه??از شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شه??از شريف سعودي ??رب جي اڻٿڪ حمايت ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي ??عاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جو محور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ تي هو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ سعودي ??رب جي تعاون کي ساراهيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ 5 بلين ڊالر ماليت جي نئين سعودي ??يڙپڪاري پئڪيج جي پهرين فيز کي جلد کان جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين کي روڪڻ، انساني جاني نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي ته جيئن هو پنهنجي غيرقانوني قدمن کان پاسو ڪري ۽ عالمي قانونن جي پاسداري ڪري. ٻنهي اڳواڻن غزه تائين بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي پهچ جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن سان گڏوگڏ عرب امن قدمن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جو مقصد هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شه?? اوڀر يروشلم هجي، جي قيام جي لاءِ هڪ منصفاڻو ۽ ٺوس حل ڳولڻ آهي. ٻنهي ڌرين خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستا?? ۽ ??ارت جي وچ ۾ تڪرارن خاص طور تي ڄمو?? ۽ ??شمير جي تڪرار کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شه??از شريف ولي عهد کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي ولي عهد قبول ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد جو پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي پهرين مرحلي کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج