اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران سيڪيورٽي، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ويٽرنري هيلٿ، ثقافت ۽ عدالتي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ 8 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. صحيحن و??ري تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پڻ موجود هئا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي جي توثيق ڪئي وئي. سول معاملن ۾ تعاون جي لاءِ عدالتي معاونت جي معاهدي تي قانون ۽ انصاف و??ري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ايران جي انصاف و??ري وزير امين حسين رحيمي صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويٽرنري ۽ حيوانات جي صحت جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ و??ري وفاقي وزير ر??ڻا تنوير حسين ۽ ايران جي زراعت و??ري وزير جهاد محمد علي نيڪ بخت صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جوائنٽ فري اڪنامڪ زون/ اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي سيڙپڪ??ري بورڊ و??ري سيڪريٽري عنبرين افتخار ۽ ايران جي صدر جي صلاحڪار ۽ سپريم ڪائونسل آف فري ٽريڊ انڊسٽريل اينڊ اسپيشل اڪنامڪ زونز و??ري سيڪريٽري حجت الله عبدالمالڪي صحيحون ڪيون. ايران جي وزارت ڪوآپريٽو ليبر اينڊ سوشل ويلفيئر ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن و??ري جي ترقي و??ري وزارت و??ري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي هڪ مفاهمت جي يادداشت تي اوورسيز پاڪستانيز و??ري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ ايران جي روڊ ۽ شهري ترقي و??ري وزير مهر داد بازرپاش صحيحون ڪيون. ٻنهي ڌرين پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وزارت ۽ ايران جي نيشنل اسٽينڊرڊ آرگنائيزيشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون. مفاهمت جي يادداشت تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ايران جي ر??تن ۽ شهري ترقي و??ري وزير مهر داد بازرپاش صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ايران ميوچل ليگل ڪوآپريشن جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. مفاهمت جي يادداشت تي قانون ۽ انصاف و??ري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ايران جي انصاف و??ري وزير امين حسين رحيمي صحيحون ڪيون. پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت ۽ ايران جي آرگنائيزيشن آف سئنيما اينڊ آڊيو ويزوئل افيئرز جي وچ ۾ ٻنهي ملڪن ۾ فلمن جي مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان مفاهمت جي يادداشت تي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ايران جي ثقافت ۽ اسلامي رهنمائي و??ري وزير محمد مهدي اسماعيلي صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ ايران پاران سيڪيورٽي، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ويٽرنري هيلٿ، ثقافت ۽ عدالتي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ 8 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena