اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سنگل ونڊو ??مپني جو دائرو وڌائ?? جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ??مپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪر?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان سنگل ونڊو ??مپني بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ??مپني جو موجود هجڻ خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان سنگل ونڊو ??مپني جو دائرو وڌايو وڃي. وزيراعظم چيو ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ??مپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪر?? جي ضرورت آهي، چين جو سنگل ونڊو جو نظام اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اجلاس کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان سنگل ونڊو پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان سنگل ونڊو جي ذريعي ملڪ جو 65 سيڪڙو واپار فائدو کڻي رهيو آهي، 11 حڪومتي ادارا ۽ 29 بئنڪون پاڪستان سنگل ونڊو سان ڳنڍيل آهن?? پاڪستان سنگل ونڊو ??مپني جي گڏيل قومن جي ڊيجيٽل ۽ سسٽين ايبل ٽر??ڊ فيسيلي ٽيشن سروي 2022ع گلوبل سروي ۾ درجابندي خطي جي ملڪن ۾ بهترين رهي.
وزيراعظم پاران پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو وڌائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش