لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ خصوصي عدالت ڪالعدم تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن جوابدارن عبدالحنان ۽ محم?? موسيٰ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج، پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر ٽي جي جج ارشد جاويد اهو فيصلو ٻڌايو. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار الزامن جي حوالي سان پنهنجي بي گناهي ۾ ڪي ٺوس ??بو?? مهيا نه ڪري سگهيا. عدالت فيصلي ۾ باور ڪرايو آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي لڳايل الزام ثابت ??رڻ ۾ ڪامياب رهي. جوابدرن تي ڪالعدم تنظيم لاءِ چندو گڏ ??رڻ ۽ لکت وارو مواد رکڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل آهي، جوابدار عبدالحنان ۽ محم?? موسيٰ خلاف 2023ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن موجب جوابدارن کان ڪالعدم تنظيم جي مشهوري لاءِ لکت وارو مواد هٿ ڪيو ويو هو. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو بعد ۾ جمعي ڏينهن عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو.
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری