ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اي??ان ۾ پاڪستاني زائرين جي بس سان پيش آيل حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظھار ڪيو آھي. ميڊيا سيل بلاول ھائوس طرفان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي دل ڏکويل آھي. ھن چيو ته ھو ان حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنب واسين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھي. ھن چيو ته پرڏيھي وزارت ۽ تھ??ان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جون لاڳاپيل اختياريون متاثر ڪٽنب?? سان رابطي ۾ ھئ??. اميد آھي ته پاڪستاني شھرين جا مڙھه وطن واپس آڻڻ لاءِ لاڳاپيل اختياريون ۽ ادارا پنھنجي ذ??يو??ري پوري ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري ان اميد جو اظھار ڪيو ته اي??ان بس حادثي ۾ زخمي پاڪستانين لاءِ بھتر علاج کي به يقيني بڻايو ويندو. ان کان علاوه حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستانين جي مغفرت لاءِ به دعا پڻ ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري پاران ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي فوتگين تي افسوس جو اظھار
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز