اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح ۽ قومي شماريات کا??ي جي انگن اکرن مطابق مهانگائي م گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته جولاءِ 2024ع ۾ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي ۽ ناڻي واڌ جي شرح 11 سيڪڙو تي اچي وئي. حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد پوندا. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وز??را??ظم چيو ته معاشي ماهرن طرفان سيپٽمبر مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳ??ٿي سٺو سنئوڻ آهي. فچ کانپوءِ تازو ئي عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو عالمي مالياتي ادارن طرفان پاڪستان جي هاڪاري معاشي انگن اکرن جو اعتراف آهي. وز??را??ظم چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي تي به تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، ان جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد نمايان ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي صارفين کي بل جي مد ۾ هڪ وڏو رليف ڏنو ويو. وز??را??ظم چيو ته گذريل ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اسان جي حڪومت سمورا فائدا عام ماڻهو تائين منتقل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. وز??را??ظم چيو ته حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، حڪومت عوام جي ڏکيائين ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو مهانگائي جي شرح ۽ پاڪستان جي انگن اکرن واري کاتي جي انگن اکرن مطابق مهانگائي ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : loteria estadual