اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته پاڪستان ڪوپ 29 ۾ موسمياتي قدمن، چئلينجز ۽ امڪاني حل پيش ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو اين ايف سي سي سي جي ڪوپ 29 جي تياري جي حوا??ي سان ترقياتي حصيدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ماحولياتي سفارتڪاري جي هدفن کي حاصل ڪرڻ، صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ نجي شعبي جي شموليت ذريعي سمارٽ زراعت جي قدمن کي هٿي وٺرائڻ ??اء?? تعاون جي ضرورت تي روشني وڌي. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي جلد منهن ڏيڻ تي زور ڀريو جنهن جو شمار عالمي سطح تي موسمياتي تبدي??ي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو وجهڻ باوجود پاڪستان کي موسمياتي آفتن جا سنگين نتيجا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جنهن بنيادي ڍانچي ۽ روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.2022ع ۾ آيل ٻوڏ سبب 24 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. هن ڪوپ 29 ۾ پاڪستان جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ ??اء?? ترقياتي حصيدارن کان موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن جو مقصد موافقت جي منصوبن ??اء?? موسمياتي ماليات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته هو موسمياتي ۽ ماحولياتي چئلينجز ??اء?? علائقائي حل تيار ڪرڻ ??اء?? بزنس 20 ملڪن سان تعاون ??اء?? سرگرم عمل آهي. هن موسمياتي حل ۾ صوبائي حڪومتن کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو جنهن ۾ خاص ڪري پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان کنيل فعال قدمن کي اجاگر ڪرڻ شامل آهي. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا چوڌري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪوپ 29 سربرا??ي اجلاس ۾ پاڪستان جي تيارين ۽ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ??اء?? پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ??اء?? ٺوس منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڀريو.
پاڪستان ڪوپ 29 ۾ موسمياتي قدمن، چئلينجز ۽ امڪاني حل پيش ڪندو: رومينه خورشيد عالم
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil