ڪراچي-19 سيپٽمبر(اي پي پي) برطانيه جي ڊپٽي هاءِ ڪ??شنر ساره موني چيو آهي ته پاڪستان ??ي بليو اڪانومي جي صنعت کي پوري صلاحيت موجب استعمال ناهي ڪي?? ويو جڏهن ته ان ۾ 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي آمدني پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن ميري ٽائيم جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ميري ٽائيم ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽوريٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن (ڊي اي پي ايم) جي تعاون سان مقامي هوٽل ۾ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي ارم تنوير ۽ ٻين به خطاب ڪي??. ان موقعي تي سي اي او ڪيئر پاڪستان ??ي وائيس چيئرمين ڪي??ٽن علي اصغر خان پنهنجي تقرير ۾ ميري ٽائيم ڊي جي اهميت ۽ سيمينار جي مقصدن تي تفصيلي روشني وڌي. برطانيه جي ڊپٽي هاءِ ڪ??شنر چيو ته ڪراچي ميري ٽائيم جي حوالي سان لامحدود صلاحيتون رکندڙ شهر آهي، پاڪستان ??هڙي ملڪ لاءِ قومي معيشت ۾ بليو اڪانومي کي شامل ڪرڻ انتهائي اهيمت وارو آهي، پاڪستان وٽ 1001 ڪلوميٽر جي سامونڊي پٽي آهي، جيڪا سامونڊي جانورن، ٻوٽن ۽ معدني وسيلن جي ڪيترن ئي قسمن جو گهر آهي. هن چيو ته ايس او ايل اي ايس ڪنوينشن سامونڊي حفاظت لاءِ اسان ??ي جاري وابستگي جو ثبوت آهي. هن چيو ته هن سال جو ٿيم ”مستقبل ۾ نيويگيٽنگ سيفٽي فرسٽ“ ميري ٽائيم سيفٽي کي وڌائڻ لاءِ اسان ??ي اجتماعي ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته برطانيه وٽ دنيا جي ڪجهه مشهور بحري سکيا جون سهولتون آهن، جن ۾ وار شاس ميري ٽائيم اسڪول ۽ سٽي آف گلاسگو ڪاليج شامل آهن، جيڪي اعليٰ درجي جي ميري ٽائيم پيشيور ماڻهن کي تيار ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، جيڪي عالمي سطح تي اسان ??ي اعليٰ حفاظي معيارن کي ??ڳت?? وڌائين ٿا. هن چيو ته جهاز ري سائيڪلنگ تي هانگ ڪانگ ڪنوينشن جي توثيق ڪرڻ تي پاڪستان کي به مبارڪون ڏيڻ چاهيان ٿي. پي آءِ ڊي جي ڊائريڪٽر جنرل ارم تنوير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هڪ هزار ڪلوميٽر ساحلي پٽي سان پاڪستان ??ي منفرد جاگرافيائي بيهڪ آهي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته موسمياتي تبديلي اسان ??ي سامونڊي، ساحلي خطن ۽ ڪميونٽيز لاءِ گهري نقصانن سان گڏوگڏ عالمي چئلينج آهي. هن چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر طور پاڪستان ماحول جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪ??تريون ئي قومي پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن کي بليو اڪانومي جي قدمن جن ۾ پائيدار ماهيگيري، سامونڊي قابل تجديد توانائي ۽ سامونڊي حياتياتي تنوع جو تحفظ شامل آهي. هن چيو ته 2015ع جي قومي ٻيلن جي پاليسي جو مقصد اسان ??ي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت هڪ باخبر معاشري کي هٿي ڏيڻ ۽ ميڊيا جي ترقي کي ??ڳت?? وڌائي ان قومي ڪوششن جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن ناٽيڪل انسٽيٽيوٽ جي پاڪستان ??رانچ، انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ شپ بروڪرز، چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف لاجسٽڪ اينڊ ٽرانسپورٽ ۽ پاڪستان مرچنٽ نيوي آفيسرز ايسوسيئيشن جو ان ??هم تقريب منعقد ڪرڻ جي ڪوششن تي دل جي گهراين سان ??ڪريو به ادا ڪي??. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وزارت طرفان وڊيو به هلائي وئي جنهن ۾ ساحلي ورثي جو هڪ اهم مينگروو جي ماحولياتي نظام کي محفوظ رکڻ جي اهميت کي واضح ڪي?? ويو ته مينگرووز طوفان ??لاف قدرتي رڪاوٽن طور ڪم ڪن ٿا، ساحلي تباهي کان ??چائي ٿين ۽ عالمي موسمياتي تبديلين کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
پاڪستان جي بليو اڪانومي جي صنعت ۾ سئو ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي آمدني پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي: برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena