اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس پار ڪرڻ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، جيڪو مل??ي معيشت ۾ اعتماد ۽ ترقي جي سلامتي سمجهيو وڃي ٿو، اسٽاڪ مارڪيٽ جي اها ترقي مل?? جي معاشي پاليسين جي درست رخ جي عڪاسي ڪري ٿي. ان سان پاڪستان جو عالمي سطح تي هڪ مضبوط معاشي اميج پيش ڪيو ويو آهي. پاڪستان اسٽاڪ اڪيسچينج ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن 2013ع کان پوءِ ويزن 2025ع جي ڳالهه ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زو?? ڀريو ته ڊگهي مدي واري منصوبابندي کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته مل?? کي بار بار سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن سان ترقي جي تسلسل کي نقصان پهتو. هن چيو ته سي پيڪ منصوبي ذريعي مل?? ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري آئي جنهن سان توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۽ پٺتي پيل علائقن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن بنگلاديش، ملائيشيا، ترڪيه ۽ ڪوريا جا مثال ڏيندي چيو ته پاڪستان به ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ تسلسل ذريعي ترقي جي ڊوڙ ۾ نمايان مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي قومي اقتصادي پلان جي افتتاح جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هي منصوبو مل?? جي هر شعبي ۾ هاڪاري تبديلي ۽ برانڊنگ کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. احسن اقبال چيو ته ترقي کي مستحڪم رکڻ لاءِ سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي ڌيان ڏيڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ ترقي معاشي بهتري جو ڪرڻو آهي ، مل?? کي هڪ نئون حوصلو مليو آهي، پاڪستان جون معاشي ۽ اقتصادي پاليسيون صحيح رخ ۾ گامزن آهن، ان ڪاميابي سان پاڪستان جي معيشت ۾ نمايان بهتري ايندي، اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک پوائنٽس جي حد پار ڪري دنيا کي پاڪستان جي اصل طاقت ڏيکاري ڇڏي، اڄ پاڪستان هڪ تاريخي موڙ تي بيٺل آهي، ويزن 2010ع تحت مل?? جي ڪاميابي جو منصوبو ٺاهيو، مارشل لا اهو خواب ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، 2013ع ۾ ٻيهر موقعو مليو ته ويزن 2025ع ٺاهيو، هدف مقرر ڪيا ته پاڪستان کي 2025ع تائين دنيا جي 10 وڏين معيشتن ۾ شامل ڪنداسين، 2013ع ۾ ڪراچي جون حالتون خراب ٿيون، جيڪو شخص گهر مان نڪرندو هو ته سندس مائرون ان جي سلامتي لاءِ دعائون گهرنديون هيون، اسان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ۽ لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي، معيشت جو ڦيٿو هلايو ۽ سي پيڪ جهڙي شاندار منصوبي جي شروعات ڪئي، سي پيڪ ذريعي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري مل?? ۾ آئي، سي پيڪ منصوبن ذريعي توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي.سي پيڪ ذريعي پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن کي ترقي سان جوڙيو ويو. هن مل?? جي ترقي جي سفر جو تسلسل بار بار ورجايو ويو، مل?? ۾ سياسي تبديليون اينديون آهن پر تبديلي سان قوم جي رخ کي متاثر ناهي ڪيو ويندو، مل?? ترقي جي راهه تي گامزن هو پر يوٽرن ذريعي مل?? کي ٻيهر اونداهي ۾ ڌڪيو ويو، اسان پاڪستان جي برينڊ اميج هڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ بدلائي سيڙپڪاري راغب ڪندڙ مل?? طور اڀاريو.مهانگائي جي شرح جيڪا 38 سيڪڙو تائين هلي وئي هئي اڄ 5 سيڪڙو کان به هيٺ اچي وئي آهي. سنجيدگي سان جائزو وٺڻو آهي ته جيڪو مل?? خطي ۾ سڀ کان اڳيان هوندو هو اهو پٺتي ڇو رهجي ويو. هن چيو ته هر ڪامياب معيشت پٺيان گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جو وقت هوندو آهي، 15 سالن ۾ بنگلاديش بدلجي ويو، 22 سالن ۾ ملائيشيا بدلجي ويو، 22 سالن ۾ ترڪيه بدلجي ويو، 32 سالن ۾ سنگاپور بدلجي ويو ۽ 10 سالن ۾ ڪوريا جو رخ ئي مٽجي ويو، ايندڙ 23 سالن ۾ پاڪستان پاڙيسري مل?? کي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي ڇڏي ويندو. ٽيليڪام جا 2 ڊائنوسار نوڪيا ۽ بليڪ بيري ٻن سالن اندر ختم ٿي ويا. هن مهيني وزيراعظم قومي اقتصادي پلان جو افتتا?? ڪ??دو، پاسڪتان جي هر واپاري ۽ سيڙپڪار کي سڄي دنيا جي منڊين ۾ پاڪستاني برينڊ جي سڃاڻپ بڻائڻي آهي.
ايندڙ 23 سالن ۾ پاڙيسري ملڪن کي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي ڇڏي وينداسين: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن