اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ سيد يوسف رضا گيلاني طرفان غير قانوني فون ٽيپنگ خلاف داخل 28 سال پُراڻي درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. جسٽس محمدعلي مظهر جي انٽيليجنس ايجنسين طرفان فون ٽيپ ڪرڻ بابت ملڪي قا??ون جي پُڇاڻي تي اٽ??رني جنرل جواب ڏنو ته 2013 ع کان هڪ قا??ون موجود آهي، جنهن ۾ آءِ ايس آ??ِ ۽ آءِ بي کي فون ٽيپ ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي. اٽ??رني جنرل چيو ته فون ٽيپنگ جو قا??ون عدالتي نگراني تحت واضح طريقيڪار سان موجود آهي. جسٽس محمدعلي مظهر سوال جاري رکندي ريمارڪس ڏنا ته قا??ون فون ٽيپنگ جي اجازت صرف انهي صورت ۾ ڏيندو آهي جڏهن ڪو حاضر سروس جج اجازت ڏي. ڇا ان حوالي سان ڪنهن جج کي به ڄاڻ ڏني وئي هئي؟ جسٽس امين الدين خان مدخلت ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي تفصيلن ۾ دلچسپي ناهي نتيجن ۾ آهي. اٽ??رني جنرل جج جي مقرريءَ جي حوالي سان اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو معاملو ڪيترن ئي ٻين ڪيسن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو چيف جسٽس جي چيمبر کان شروع ئي ٿو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته قا??ون بنا فرق جي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ (اي او آر) عدالت کي ٻُڌايو ته کيس درخواستگذار جو پتو لڳائڻ ۽ رابطو ڪرڻ ۾ ڏُکيائي درپيش آهي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل جو هڪ سال اڳ لاڏاڻو ٿي چڪو آهي. عدالت فون ٽيپنگ معاملي ۾ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ غير قانوني فون ٽيپنگ خلاف 28 سال پُراڻي درخواست ۾ صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج