اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان نيشنل ڊيولپمينٽ ڪمپليڪس ۽ ٽن واپاري ??دا??ن تي آمريڪي پابندين تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته پاڪستان اين ڊي سي ۽ ٽن واپاري ??دا??ن تي پابنديون هڻڻ جي آمري??ي فيصلي کي بدقسمتي ۽ معتصباڻو قرار ڏي ٿو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن جو مقصد ان جي خودمختياري جو دفاع ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. بيان ۾ و??يڪ چيو ويو آهي ته نيون پابنديون امن ۽ سلامتي جي مقصد کان انحراف ڪن ٿيون جنهن جو مقصد فوجي عدم توازن کي ??ڌائڻ آهي، اهڙي طرح جون پاليسيون اسان جي خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اسٽريٽجڪ استحڪام جي لاءِ خطرناڪ آهن. بيان موجب پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پروگرام هڪ مقدس امانت آهي جنهن کي 240 ملين ماڻهن پاڪستان جي قيادت کي عطا ڪيو آهي. ان امانت جي تقدس کي جنهن کي ??وري پوليٽيڪل اسپيڪٽرم ۾ تمام گهڻي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، تي ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي ??جي واپاري ??دا??ن تي پابنديون هڻڻ تي پڻ افسوس آهي، ماضي ۾ واپاري ??دا??ن جُون اهڙي طرح جون فهرستون بنا ڪنهن ثبوت جي رڳو ش?? تي ٻڌل هيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عدم ڦهلاءُ جي اصولن تي سختي سان عمل پيرا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ماضي ۾ ٻين ملڪن کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي لاءِ لائيسنس جي شرط کي ختم ڪيو ويو آهي. پاڪستان واضح ڪيو ته اهڙي طرح جا ٻٽا معيار ۽ امتيازي طرزعمل نه رڳو عدم ڦهلاءُ جي ڪوششن جي ساک کي ??قصان پهچائين ٿا پر علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي ??ڻ خطري ۾ وجهن ٿا.
پاڪستان پاران نيشنل ڊيولپمينٽ ڪمپليڪس ۽ ٽن واپاري ادارن تي آمريڪي پابندين تي ردعمل، پابندين وارو آمريڪي فيصلو بدقسمتي ۽ معتصباڻو قرار
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز