اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جو يورپ لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال ٿي ويو. ڪالهه اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان پئرس لاءِ پهرين اُڏام رواني ٿي وئي. هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محم?? آصف يورپ لاءِ قومي ايئر لائن جي فلائيٽ آپريشن جي ٻيهر شروعات جي آجيان ڪندي مسافرن کي الوداع ڪيو. يورپي يونين طرفان قومي ايئر لائن تي تقريبن ساڍن چئن سالن کان پابندي هئي جنهن جي خاتمي کانپوءِ اهي اُڏامون بحال ٿي ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي خواجه محم?? آصف يورپ لاءِ اُڏامن جي بحاليءَ کي تاريخي لمحو قرار ڏيندي چيو ته لاڳيتو قومي جهنڊي بردار اُڏامون پوري يورپ ۾ آپريٽ ٿينديون. هن پي آءِ ??ي ??ي ماضيءَ جي وقار کي بحال ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نيشنل فليگ ڪيريئر اسان جو فخر ۽ اسان جي سُڃاڻپ آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پي آءِ ??ي ??ون برطانيه ۽ آمريڪا لاءِ اُڏامون پڻ جلد شروع ٿينديون. خواجه محم?? آصف چيو ته پي آءِ ??ي ??ي ٻيڙي کي وڌايو ويندو. هن چيو ته پي آءِ اي مارڪيٽ تي ٻيهر ڌاڪو ڄمائيندي. ان موقعي تي هوابازي واري وزارت جا سينيئر آفي??ر، قومي اُڏام ۽ ايئرپورٽ جا عملدار به موجود هئا. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن جي تقريبن ساڍن چئن سالن جي عرصي کان پوءِ پئرس لاءِ پهرين اُڏام جمعي ڏينهن رواني ٿي وئي. پي آءِ اي پئرس لاءِ هفتيوار ٻه اُڏامون سڌيءَ ريت هلائي رهي آهي. پئرس ايندڙ ۽ ويندڙ پهرين ۽ ٻي اُڏام لاءِ فلائيٽ بُڪ??گ اڳ ئي مڪمل ٿي چڪي آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. پي آءِ ??ي ??نٽرا نيٽ وائرليس انٽرٽينمينٽ سسٽم ذريعي ان فلائيٽ انٽرٽينمينٽ لاءِ به خصوصي انتظام ڪيا آهن. مسافر پنهنجي موبائل فون، ٽيبليٽ يا ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر ذريعي ان فلائٽ انٽرٽينمينٽ استعمال ڪري سگهندا. مسافرن طرفان فلائيٽ تي مثبت ردِعمل ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پئرس جون اُڏامون هاڻ فرانس ۽ پاڪستان ۾ پاڪستانين جي پُراڻي خواهش کي پورو ڪندي. پي آءِ ??ي ??رفان مسافرن کي وقت جي بچت جي سهولت سان گڏ سستي اگهه تي ٽڪيٽ فراهم ڪيا ويا آهن.
پي آءِ اي جي ٻيڙي کي وڌايو ويندو، پي آءِ اي پنهنجو ٻيهر ڌاڪو ڄمائيندي: خواجه آصف
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea