والاريل بيت المقدس -10 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي عملي ۽ ڊونرز ملڪن جي نمائندن اسرائيلي حملي سبب تب??هه ٿيل جنين پناهگير ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ هتي ا??رائيل جي ٻن ڏهاڙن جي فوجي ڪارروائي سبب تب??هي جي خوفناڪ منظرن ۽ نقصانن جو مشاهدو ڪيو. هن فوجي ڪارروائي ۾ 4 ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا شهيد، 140 زخمي ٿيا. جڏهن ته تقريبن 900 گهرن کي نقصان پهتو آهي. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي جي ڊپٽي ڪمشنر جنرل ليني ا??ٽينسٿ چيو آهي ته دوري جو مقصد جنين مهاجر ڪيمپ تي ا??رائيلي حملي جي متاثرن ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو ۽ کين اهو يقين ڏيارڻ هو ته هن مشڪل وقت ۾ ا??ان ساڻن گڏ آهيون. وفد ۾ ايجنسي جي اولهندي ڪناري جي فيلڊ آفيس جي ڊائريڪٽر ايڊم بولوڪوس ۽ گڏيل قومن جي رهائشي ۽ انساني همدردي جي ڪو آرڊينيٽر لن هيسٽنگز ۽ عالمي ڊونر ڪميونٽي جا ڪيترائي سينئر نمائنده پڻ شامل هئا. ليني ا??ٽينسٿ ان موقعي تي ڳا??ها??يندي چيو ته جنين ۾ خوفناڪ تب??هي ڏٺي ڪجهه گهر مڪمل طور سڙي ويا هئا. تارون ڀتين ??ان ٽڪرايون ويون هيون ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو ايستائين جو ان اداري طرفان قائم ڪيل هيلٿ سينٽر به تب??هه ٿي ويو. هن ٻڌايو ته جنين پناهگير ڪيمپ جا رهواسي ا??رائيلي حملي کان بيحد خوفزده آهن. جنين پناهگير ڪيمپ ۾ تقريبن 24 هزار ماڻهو رهائش پذير آهن. هتي قائم يو اين آر ڊبليو اي جو هيلٿ سينٽر ايستائين تب??هه ٿي ويو جو ان کي وڌيڪ استعمال جي قابل نٿو بڻائي سگهجي.
اسرائيل جي حملي کان پوءِ جنين ۾ تباهي جا خوفناڪ منظر ڏٺا: گڏيل قومن جي عورت عهديدار جي جنين دوري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا