پيرس -28 آگسٽ (اي پي پي) فرانس جي تعليم واري وزير سرڪاري اس??ولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو ??عل??ن ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو لباس تعليم جي حوالي سان فرانس جي سخت سيڪولر قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. برطانوي نشرياتي ا??اري مطابق تعليم واري وزير گيبريئل اٽل چيو آهي، ته هاڻي اس??ولن ۾ عبايه پائڻ ممڪن نه هوندو ۽ اهو 4 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ ڪلاسن جي واپسي کان اڳ اس??ولن جي سربراهن کي قومي سطح تي واضح قائدا ڏنا ويندا. واضح رهي ته فرانس 19 صدي جي قانون بعد کان سرڪاري اس??ولن ۾ مذهبي علامت سخت پابندي لڳائي رکي آهي ۽ سرڪاري ا??ارن م تعليم مان روائتي ڪيٿولڪ اثر رسوخ جي خاتمي ۽ وڌندڙ مسلم اقليت کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙن رهنما اصولن کي اختيار ڪيو آهي. فرانس 2004ع ۾ اس??ولن ۾ اس??ارف پائڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ 2010ع ۾ عوامي هنڌن تي مڪمل چهري جي نقاب تي پابندي لڳائي هئي جنهن سان اتان جي 50 لک مسلم برادري پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو.
فرانس جي سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج