غزه -07 نومبر (اي پي پي) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ ح??اس جي اڳواڻ اسامه بن حمد چيو آهي، ته غزه جي پٽي تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول نه ڪنداسين. هن پريس ڪانفرنس ۾ ح??اس کان سواءِ غزه ۽ غزه جي مستقبل جو تعين ڪرڻ واري آ??ري??ي تجويز کي رد ڪندي چيو ته جيڪي اهو سوچي رهيا آهن ته ح??اس ??تم يا غ??ئب ٿي ويندي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪا به زميني طاقت ح??اس کي نه ??تم ڪري ٿي سگهي ۽ نه ئي ان جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿي، ح??اس ئي غزه ۾ رهندي. هن چيو ته ح??اس فلسطيني عوام جي دلين ۾ ۽ انهن جي شعور ۾ رهندي، ڪا به زميني طاقت ح??اس کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسرائيل جي اتحادي آ??ري??ا ح??اس کي ميدان تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، هي تصور بلڪل ئي اهڙو آهي جهڙو ٻي جنگ عظيم دوران نازين جي ڪٺ پتلي رياست فرانس ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو آ??ري??ا کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙي انتظاميه جيڪا آ??ري??ا ۽ اسرائيل لاءِ سٺي هجي اسان جا ماڻهو اهڙي حڪومت غزه ۾ ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
غزه تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي: حماس
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil