غزه-18 ڊسمبر (اي پي پي) غزه جي جباليه پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 90 ٿي ويو جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. الجزيره جي رپورٽ مطابق جباليه ۽ نصرت پناهگير ڪيمپن تي اسرائيلي حملن ۾ وڏي پيماني تي فلسطينين جي مارجڻ جو اطلاع آهي. اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 90 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۾ عو??تون ۽ ٻار به شامل آهن. ڪيترن ئي زخمين کي ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ا??جزي??ه مطابق اسرائيلي حملن ۾ غزه جي اسپتالن کي نشانو بنايو پيو وڃي. ٻئي پاسي ڪيترائي فلسطيني مرد، عو??تون ۽ ٻار اڃا تائين گُم آهن. فلسطيني خابرو اداري وفا جي رپورٽ ۾ غزه جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻُڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جباليه ۾ البرش ۽ـ الوان خاندانن جي ملڪيت، رهائشي علائقي تي شديد بمباري ڪري رهي آهي. امدادي ڪارڪن متاثر علائقن مان ملبو هٽائڻ ۾ مصروف آهن. صحت جي ع??لمي اداري الشفا اسپتال جي صورتحال کي مڪمل هيبتناڪ منظر ۽ ڪمال عدوان اسپتال جي تباهيءَ کي خوفناڪ قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان هاڻي تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 19 هزار ت??ئين پهچي ويو آهي.
جباليه پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 90 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات