قاهره -17 اپريل (اي پي پي ) مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري چيو ته غزه ۾ قيدين ۽ جنگ بندي جي ٺاهه تي پهچڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي. العربيه موجب هن چيو ته ان حوالي سان ڳلهيون جاري آهن ان ۾ رڪاوٽ ناهي آئي. حالاتن کي سامهون رکندي اسان ائين ڪندا ??هنداسين جيستائين مقصد حاصل نٿو ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اسرائيل ۽ ايراني پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جئين علائقي ۾ ماحول ۾ سڪون ۽ امن برقرار رکڻ جي اهميت با??ت آگاهه ڪري سگهجي. هن چيو ته اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ گڏيل هدف کي ن??انو بنائڻ خطي ۾ تڪرارن کي ڪنٽرول لاءِ ڪنهن به طريقي سان ساز گار ماحول ناهي. مصر جي پرڏيهي وزير ٻه رياستي حل جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته فلسطيني رياست جو قيام سڀني جي اعليٰ ترين مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته رفع ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي ن??يجي ۾ ٿيندڙ ڪنهن به وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ جنگي ڏوهه جي برابر هوندي.
غزه ۾ جنگ بندي جون ڳالهيون ملتوي ناهن ٿيون پر جاري آهن: مصر
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون